پليجو نور محمد

پليجو، نور محمد: صوفي شاهه عنايت شهيد جو ڪٽر دشمن نور محمد پليجو بن هنبو بن راڌو بن بابو پليجو، نامور پرڳڻي پليجار جو زميندار ۽ ان وقت جي حڪومت ۾ اثر رسوخ رکندڙ جاگيردار هو. نور محمد پليجي جڏهن شاهه شهيد جي مخالفت شروع ڪئي، تڏهن سندس قبيلي وارن کي گهڻو سمجهايو، پر هيءُ نه مڙيو. سيد عبدالواسع، نور محمد پليجو ۽ حمل جت سڀ کان پهريان شاهه عنايت شهيد جا مخالف ۽ ويري ٿيا. شاهه شهيد عنايت جي تحريڪ کي وڌندو ڏسي هنن جي دلين ۾ گمان پيدا ٿيڻ لڳا. جنهن بعد سيد عبدالواسع ٺٽي جي نواب مير لطف الله خان کي مدد لاءِ عرض ڪيو، نواب لطف، نور محمد پليجي کي سيد عبدالواسع جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو. نور محمد پليجو اڳي ئي شاهه عنايت جي خلاف تپيو ويٺو هو، هن پنهنجي ماڻهن کان سواءِ ڪوهستان ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان پنهنجا هزارين ماڻهو گڏ ڪيا ۽ حمل جت به پنهنجي ماڻهن سان اچي هنن سان گڏيو. اهڙي طرح نور محمد پليجي، حمل جت ۽ سيد عبدالواسع پنهنجي فوج تيار ڪري صوفي شاهه عنايت شهيد جي خانقاهه تي حملو ڪري ڏنو. انهيءَ حملي ۾ صوفي شاهه عنايت جا ڪيترائي فقير شهيد ٿي ويا، جنهن تي نور محمد پليجو خوش ٿيو ته هاڻي هيءَ تحريڪ ختم ٿي وئي. انهيءَ خونريزيءَ کان پوءِ صوفي شاهه شهيد جا فقير دهليءَ ۾ دانهين ٿي ويا، دهلي درٻار خون بها ۾ قاتلن جون زمينون شهيدن جي وارثن کي ڏنيون، ان کان پوءِ ته نور محمد پليجو شاهه عنايت شهيد جو سخت دشمن ٿي بيٺو. جڏهن نواب اعظم خان 1128هه/1716ع ۾ ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو ته ٻين سان گڏ نور محمد پليجي نواب اعظم خان کي شاهه عنايت شهيد خلاف ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح نواب اعظم خان، شاهه شهيد خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ آخرڪار قرآن شريف وچ ۾ آڻي شاهه عنايت شهيد کي دوکي سان 15 صفر المنظفر 1130هه/7 جنوري 1718ع تي شهيد ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو